مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان جي قرض جي قسطن ۾ رليف لاءِ جي 20 ملڪن کي درخواست

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان قرض جي قسط ۾ رليف ڏيڻ لاءِ دنيا جون 20 وڏيون معيشتون رکندڙ ملڪن جي گروپ (جي 20) کي باضابطا طور درخواست ڪري ڇڏي آهي. اها پڻ خاطري ڪرائي وئي آهي ته آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي گائيڊ لائنن کان علاوه غير رعايتي قرض وٺڻ لاءِ نوان معاهدا نه ڪيا ويندا. ذريعن موجب پاڪستان طرفان قرض جي قسط ۾ رعايت لاءِ درخواست ڪورونا صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي. هڪ ارب 80 ڪروڙ ڊالرن جي قسط هلندڙ سال ڊسمبر تائين پويان ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ ارب 46 ڪروڙ ڊالرن جي پرنسپل رقم ۽ 32 ڪروڙ 30 لک ڊالرن جو وياج شامل آهي. ذريعن موجب قرض جي قسط پوئتي ٿيڻ جي صورت ۾ پاڪستان هلندڙ سال ڊسمبر تائين نئون قرض حاصل نه ڪري سگهندو، جڏهن ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان قرض ان پابندي کان آجو هوندو

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو