مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پي آءِ اي جا هڪ هزار اضافي ملازم برطرف

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پي آءِ اي جي انتظاميه آپريشنل خرچن کي گهٽائڻ سميت ٻيا قدم کڻندي هڪ هزار اضافي ملازمن کي فارغ ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه وزيراعظم جي خزاني واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ سان ٿيندڙ هڪ اجلاس ۾ ٻڌائي وئي. اجلاس ۾ پي آءِ اي جي سي اِي او ايئر مارشل ارشد ملڪ چيو ته اداري کي دستياب وسيلن تي هلائڻ خرچ ۾ گهٽتائي ڪرڻ سميت ان جي آمدني ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ هي قدم کنيو ويو آهي. اجلاس ۾ شامل ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته حڪومت چاهي ٿي ته پي آءِ اي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ پنهنجي روينيو ۾ اضافو ڪري. ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ خزاني واري وزارت جي ٽيم کي چيو ته اها پي آءِ اي انتظاميه سان ملي ڪري ڪم ڪري ۽ مالياتي گنجائش کي سامهون رکندي انهن جي هر ممڪن مالي مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو