مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان ايران سان ملندڙ سرحد بند ڪري ڇڏي، زيارتين تي پابندي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ايران ۾ ڪورونا وائرس سبب ماڻهو فوت ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان پاڙيسري ملڪ سان پنهنجي سرحد کي عارضي طور تي بند ڪري ڇڏيو آهي. بلوچستان حڪومت پاڪستان کان ايران ويندڙ زيارتين جي سفر تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ صوبائي گهرو کاتي کي ان حوالي سان ٻين صوبن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير ڄام ڪمال پاڪ ايران سرحد کي پار ڪرڻ واري هنڌ تفتان تي 100 بسترن تي ٻڌل ٽينٽ اسپتال قائم ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. تفتان جي اسسٽنٽ ڪمشنر نجيب الله قمبراڻي جو چوڻ هو ته پاڪستان هائوس ۾ رهندڙ زيارتين جي اسڪريننگ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي ۽ اسلام آباد کان ڊاڪٽرن جي ٽيم پهچي چڪي آهي. واضح رهي ته هيستائين ايران ۾ ڪورونا وائرس سبب 8 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو