مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

روهڙي ويجهو ٽرين جو مسافر ڪوچ کي ٽڪر، 30 ڄڻا فوت

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ روهڙي ويجهو ڪنڌرا ڦاٽڪ ڪراس ڪري رهي هئي ته پاڪستان ايڪسپريس جي ور چڙهي وئي، ٽرين جي زوردار ٽڪر سبب مسافر ڪوچ پري وڃي ڪري ۽ مڪمل طور تباهه ٿي وئي. جنهن کانپوءِ ريسڪيو ٽيمن پهچي لاش ٻاهر ڪڍيا. فوتين ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن. ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ هئڻ ڪري فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ڪمشنر سکر شفيق مهيسر جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون حادثي ۾ 30 ماڻهو فوت ٿيا آهن ۽ 11 زخمي ٿيا آهن، جن کي اسپتال پهچايو ويو آهي. واقعي جي جاچ کانپوءِ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ريلوي انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڦاٽڪ جو دروازو کليل هجڻ ڪري حادثو پيش آيو آهي

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو