مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولرن کي ڪڻڪ خريداري جو هدف پورو ڪرڻ جو حڪم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي خوراڪ کاتي 14 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري جو هدف پورو ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽرن ۽ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولرن کي گهربل قدم کڻڻ لاءِ سخت حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد پاران جاري ڪيل خط ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه ۽ سمورن ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولرن کي ڪڻڪ جي خريداري جو مقرر ڪيل هدف حاصل ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 26 مارچ تي ڪڻڪ جي خريداري جو عمل شروع ڪيو ويو هو، جڏهن ته آفيسرن جي ڪارڪردگي اطمينان جوڳي نه آهي، فقط 40 سيڪڙو هدف حاصل ٿي سگهيو آهي. وڏي وزير ڪابينا جي گڏجاڻي ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو هدف پورو ڪرڻ لاءِ سخت حڪم ڏنا آهن

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو