مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پشاور ۾ 15 ڪلاڪن کان دهشتگردن خلاف آپريشن جاري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پشاور پوليس دهشتگردن جي موجودگي جي خفيه اطلاع ملڻ تي هڪ گهر تي چڙهائي ڪئي ته مقابلو شروع ٿي ويو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هن وقت تائين هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 5 دهشتگرد مارجي چڪا آهن. دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ پوليس کي سيڪيورٽي فروسز جي مدد به ملي وئي آهي. گهر جا هيٺيان ٻه حصا خالي ڪرايا ويا آهن. جڏهن ته مٿئين حصي ۾ اڃان به دهشتگرد موجود آهن. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز پاران علائقي کي گهيري ۾ ورتو ويو آهي. جڏهن ته پوليس جا اعليٰ عملدار آپريشن زون ۾ موجود آهن. خيبر پختونخواهه جي اطلاعات واري وزير شوڪت يوسف زئي جو چوڻ آهي ته حيات آباد فيز-7 جي هڪ گهر ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع ملي ته گهر اندر 6 کان 7 دهشتگرد موجود آهن جنهن بعد پوليس جي پهچڻ تي گهر مان فائرنگ شروع ٿي وئي جوابي فائرنگ ڪرڻ تي دهشتگردن 3 راڪيٽ لانچر فائر ڪيا ويا. جنهن جي جواب ۾ آر پي جي سيون فائر ڪيو ويو، تازين خبرن مطابق حملو اڃان به جاري آهي.

 

Operation against Terrorists goes into 15th hour

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو