مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

تيل اگھن ۾ لاٿ جو فائدو عوام تائين پھچايو وڃي، وزير اعظم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزير اعظم عمران خان ھڪ ڀيرو ٻيھر واضح ڪيو آھي ته اسمگلنگ خلاف ڪاروائي ۾ ڪنھن قسم جي رعايت يا سمجھوتو نه ٿيندو. سمورن لاڳاپيل ادارن پاران اسمگلنگ روڪڻ ۽ ان ۾ ملوث ماڻھن خلاف ڪاروائي جي رپورٽ ھر 15 ڏينھن کان پوءِ پيش ڪئي وڃي. حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگھ گھٽائڻ جو مقصد عوام کي رليف فراھم ڪرڻ ھو. فيول اگھن ۾ لاٿ جو فائدو عوام تائين پھچايو وڃي. ان ڏس ۾ صوبائي عملدار متحرڪ ڪردار ادا ڪن. ڪالھ وزير اعظم عمران خان جي صدارت ھيٺ اسمگلنگ روڪٿام ۽ بنيادي ضروري شين جي اگھن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪرنسي ۽ ضروري شين جي اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻھن کي منھن ڏيڻ لاءِ قانون کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آھي. وزير اعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسمگلنگ ملڪي معيشت لاءِ ناسور آھي. اجلاس ۾ بنيادي ضروري شين جي اگھن جو به جائزو ورتو ويو ۽ اگھ گھٽائڻ ۾ کنيل قدمن جي حوالي سان صوبائي چيف سيڪريٽرين وزير اعظم کي تفصيلي بريف ڪيو

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو