مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي ويجهو سمنڊ اندر ٿيندڙ ڊرلنگ ناڪام، گئس ۽ تيل جا ذخيره نه مليا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

هلندڙ سال 12 جنوري تي ڪراچي ويجهو سمنڊ اندر تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ ڊرلنگ جو ڪم شروع ڪيو ويو هو، جنهن بابت چيو پئي ويو ته ان جاءِ کان وڏي مقدار ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا ملڻ وارا آهن جڏهن ته ڪالهه وزيراعظم جي خصوصي نمائندي نديم بابر چيو ته ڪراچي جي سمنڊ ڪيڪرا ون جي مقام تي ڊرلنگ ۾ ناڪامي ٿي آهي. جنهن سبب ڊرلنگ تي لڳل ساڍا 14 ارب رپيا به ضايع ٿي ويا آهن. پيٽروليم واري وزارت پاران چيو ويو آهي ته آمريڪي ڪمپني ايگزان موبل ڪراچي جي سمنڊ ۾ 280 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي انڊس جي بلاڪ ۾ ڪيڪرا ون بلاڪ ۾ ساڍا پنج هزار ميٽر اونهائي ۾ کوٽائي ڪئي وئي. هن کوٽائي تي ساڍا 14 ارب رپيا خرچ به آيو آهي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو