مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

راشن ورهائيندڙ ادارن کي ڊي سي کان اين او سي وٺڻو پوندو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ حڪومت فيصلو ڪندي چيو آهي ته راشن ورهائيندڙ ادارن کي ڊي سي کان اين او سي وٺڻو پوندو. پنج لک ماڻهن لاءِ هڪ ارب 8 ڪروڙ ۽ زڪوات مستحقين لاءِ 60 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان سنڌ جي اطلاعات، بلديات ۽ ٻيلن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني ۽ توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ سنڌ اسيمبلي جي ڪانفرنس هال ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جن صنعتن کي پنهنجون ليبر ڪالونيون آهن انهن کي کوليو ويندو، راشن ورهائيندڙ ادارن کي پهرين ضلعي جي متعلقه ڊي سي کان اين او سي وٺڻو پوندو. ناصر حسين شاهه چيو ته اسپيشل سروس ۽ ٽرانسپورٽ کي روڪي نٿا سگهون. لاڪ ڊائون ۾ پابندي ڪرائڻ جي سلسلي ۾ عوام ۽ عالم سڳورن جا شڪرگذار آهيون

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو