مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سجاول ۾ ڪورونا وائرس جا 5 نوان ڪيس ظاهر، انگ 7 ٿي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سجاول ۾ ڪورونا وائرس جا 5 ڪيس سامهون اچي ويا آهن، جنهن کانپوءِ ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو تعداد 7 ٿي ويو آهي. جڏهن ته پهرين 2 مريض صحتياب ٿي پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي چڪا آهن. 5 متاثرن مان 3 ڄڻن جو تعلق سجاول جي تعلقي جاتي سان آهي ۽ 2 ڄڻا سجاول جا رهواسي آهن. متاثر مريضن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ کين سجاول انتظاميه پاران سندن گهرن مان کڻي سجاول سول اسپتال ۾ قائم ڪورنٽائن سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف فوڪل پرسن ڊاڪٽر ابراهيم ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته متاثر مريضن جي گهر وارن سميت انهن سان ملندڙ سڀني ماڻهن جي ٽيسٽ ڪئي ويندي

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو