مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 سنڌ اسيمبلي ۾ هندو ڇوڪرين جي اغوا ۽ مذهب مٽائڻ بابت آواز اٿاريو ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ اسيمبلي ۾ جي ڊي اي جي ميمبر نند ڪمار هڪ قرارداد جمع ڪرائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ هندو ڇوڪرين جي اغوا ۽ زوري مذهب مٽائڻ بابت قدم کڻندي هندو ڪميونٽي کي حفاظت فراهم ڪئي وڃي قرار داد جي متن مطابق نند ڪمار چيو آهي ته هندو ڇوڪرين جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي مثالي سزا ڏني وڃي ته جيئن هن قسم جون وارداتون بند ٿي وڃن. اسيمبلي سان خطاب ڪندي نند ڪمار چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ سوين هندو ڇوڪرين کي اغوا ڪيو ويو آهي ۽ اغوا بعد انهن جو زوري مذهب تبديل ڪرايو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان هن خطي جا قديم رهاڪو آهيون ۽ اسان کي قانوني تحفظ ملڻ گهرجي. بعد ۾ اسيمبلي ۾ موجود ٻين پارٽين جي ميمبرن چيو ته هن قرار داد مان هندو لفظ حضف ڪيو وڃي ۽ هي قرارداد هر مذهب جي ڇوڪري جي تحفظ لاءِ هجڻ گهرجي. جنهن بعد نند ڪمار قرار داد مان هندو لفظ حضف ڪيو جنهن بعد قرارداد منظور ڪري ڇڏي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو