مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نيب مريم نواز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نيب پاران گرفتار ڪيل ن ليگ جي اڳواڻ مريم نواز ۽ سندس سئوٽ يوسف عباس کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. نيب پاران عدالت کان ٻنهي جو 15 ڏينهن جو جسماني رمانڊ گهريو ويو آهي. نيب عدالت کي ٻڌايو ته مريم نواز ۽ يوسف عباس کي چوڌري شگر ملز جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. شريف خاندان پنهنجي چوڌري شگر ملز ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي. مريم چوڌري شگر ملز جي شيئر هولڊر آهي جڏهن ته يوسف عباس جو اڪائونٽ مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو ويو. نيب عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته چوڌري شگر مل سميت شريف خاندان جون سموريون ڪمپنيون مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ٿيون. مريم جي نالي تي 11 هزار جڏهن ته يوسف عباس جي نالي تي لکين شيئر منتقل ڪيا ويا آهن. جنهن جو تفصيل ٻڌائڻ ۾ ٻئي ڄڻا ناڪام ويا آهن.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو