مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نيب جو سنڌ ۾ ڪڻڪ چوري ۽ ذخيرو ڪرڻ جي جاچ جو حڪم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نيب چيئرمين سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾ ڪڻڪ چوري ۽ ذخيرو ڪرڻ وارن ڪيسن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. نيب سکر کي ڪڻڪ چوري ۽ ذخيري واري جاچ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾ ڪڻڪ ذخيري ۽ گهوٽڪي کان ڪراچي تائين ڪڻڪ فراهمي ۾ چوري جي جاچ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. نيب چيئرمين ڊي جي نيب سکر کي هدايت ڪئي آهي ته ڪرپٽ عنصرن وٽان سرڪاري فنڊ هٿ ڪري قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا وڃن. واضح رهي ته ٻنهي ڪيسن کي پهرين اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ ڏانهن موڪليو ويو هو. نيب سکر پهرين سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ذخيري ۽ چوري جي جاچ ڪرڻ ۾ 15 ارب رپين جي ڪڻڪ جي اسٽاڪ جي چوري پڪڙي هئي

 

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو