مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

قائم علي شاهه نيب پاران جعلي الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ بيگناهه قرار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نيب پاران سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي بيگناهه قرار ڏنو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي خلاف ملير ندي جي سرڪاري زمين غير قانوني طور الاٽ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خلاف ڪي به شاهد نه مليا آهن. ان ڪري سيد قائم علي شاهه خلاف ملير ندي ۾ غير قانوني الاٽمينٽ جي انڪوائري ختم ڪري ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب جي بيان بعد قائم علي شاهه خلاف انڪوائري جي درخواست ٻڌندي ان جي زر ضمانت واپس ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. عدالت پاران حڪم جاري ڪيو ويو آهي ته نيب پهرين تحقيقات حاصل ڪري ۽ پوءِ ماڻهن کي گرفتار ڪري.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو