مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ن ليگ ۾ تنظيم سازي، شاهد خاقان عباسي سينئر نائب صدر ۽ مريم نواز نائب صدر مقرر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

مسلم ليگ ن هڪ اعلاميو جاري ڪيو آهي، هي اعلاميو لنڊن ۾ موجود پارٽي جي صدر شهباز شريف جاري ڪيو آهي جنهن مطابق نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز کي ن ليگ جي نائب صدر مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه شاهد خاقان عباسي کي پارٽي جو سينئر نائب صدر ۽ احسن اقبال کي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن کان علاوه مريم اورنگزيب کي پارٽي جي سيڪريٽري اطلاعات ۽ ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف شهباز شريف جي مرڪزي صدر هجڻ سبب پنجاب وارو صدر جو عهدو خالي هو ۽ ان عهدي لاءِ حمزا شهباز ۽ رانا ثناءُ الله جا نالا غور هيٺ هئا. جنهن بعد پارٽي جي اڳواڻ نواز شريف فيصلو رانا ثناءُ الله جي حق ۾ ڪيو. هاڻي رانا ثناءُ الله پارٽي جو پنجاب وارو صدر ۽ اويس لغاري کي پنجاب جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو