مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وزير بلديات جي غير سنجيدگي سان بلدياتي معاملا متاثر، ايس بي سي اي آفيسرن تي دٻاءُ وڌي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي وزير بلديات جي غير سنجيدگي ۽ دلچسپي نه هئڻ ڪري ڪراچي جا بلدياتي معاملا تمام گهڻا متاثر ٿي رهيا آهن. صوبائي وزير جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) ۾ غير ضروري مداخلت ۽ آفيسرن تي دٻاءُ ۽ مبينا زباني حڪمن سان ايس بي سي اي جو انتظامي ڍانچو متاثر ٿي رهيو آهي. شهر ۾ وڏي پئماني تي نقشن جي منظوري کانسواءِ غير قانوني عمارتن جي تعمير عروج تي  آهي. ايس بي سي اي جا آفيسر ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي رهيا آهن. ناصر حسين شاهه پوري بلديات کاتي جو وزير هئڻ باجود فقط ايس بي سي اي ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ ائين لڳندو آهي ته باقي کاتن سان ان جو تعلق ئي نه آهي. ايس بي سي اي ۾ به سندس ڪارڪردگي فقط مبينا زباني حڪم آهن. وزير بلديات جي نااهلي سبب معاملا تيزي سان خراب ٿي رهيا آهن. غير ضروري حڪمن جي ڪري قانوني ڪم کٽاڻ جو شڪار ٿي ويا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو