مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي ۾ ڊاڪٽرن سميت طبي عملي جا 25 کان وڌيڪ ڪورونا وائرس ۾ وٺجي ويا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي  ۾ ڪورونا خلاف جنگ وڙهندڙ ڊاڪٽرن سميت طبي عملي جي 25 کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. صحت کاتي جي ذريعن موجب ڪراچي جي مختلف سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ ٻارن جي صحت واري قومي اداري جي ٻن ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ٻين ميمبرن، ڊاڪٽرن سميت سول اسپتال جي چئن ملازمن، عباسي شهيد اسپتال جي ٻن ڊاڪٽرن ۽ لياقت نيشنل اسپتال جي ريڊيولاجي شعبي جي هڪ ڊاڪٽر ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي. ان کانسواءِ شهيد بينظير ٽراما سينٽر جي ڊاڪٽر ۽ عملي سميت 13 ماڻهو جڏهن ته ڊائو يونيورسٽي جي اوجها ڪيمپس ۾ ڊاڪٽر سميت 8 ماڻهو ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيا. صحت کاتي پاران متاثرن کي آئيسوليشن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو