مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سلامتي ڪائونسل مسعود اظهر جو نالو پابندي واري فهرست ۾ شامل ڪري ورتو: وزارت خارجا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وفاقي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته گڏيل قومن جي اداري جيش محمد جي اڳواڻ مسعود اظهر جو نالو پابندي مڙهيل فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته هاڻي مسعود اظهر جا اثاثا منجهمند ڪيا ويندا ۽ سفري پابنديون به لڳايون وينديون ۽ هو ڪنهن به قسم جو اسلحو خريد ڪري نه سگهندو. پاڪستان انهن پابندين جي ترت منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته ڀارت ڪيترائي دفعا مسعود اظهر کي ڪشمير جي جدوجهد ۽ پلوامه حملي سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته پاڪستان جو موقف آهي ته ڪشمير جي جدوجهد مقامي ۽  قانوني آهي. ان ئي سبب سان هن کان اڳ مسعود اظهر کي پابندي واري فهرست ۾ شامل نه پئي ڪيو ويو.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو