مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

دهشتگردي جي علامت بجاءِ، سببن کي ختم ڪرڻ گهرجي: مليحه لوڌي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

مليحه لوڌي سلامتي ڪائونسل ۾ دهشتگردي کي خاتمي لاءِ ٿيل اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي دهشتگردي کي ختم ڪرڻ واري ادارن کي ڪجهه ملڪن جي مفادن لاءِ ڪم نه ڪرڻ گهرجي. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جوڙي ويندڙ حڪمت عملي ۾ مقبوضا علائقن جي حق خود اراديت کان انڪار سبب جنم وٺندڙ صورتحال تي به توجهه ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي دهشتگردي جي علامتن سان نه پر سببن سان ويڙهه ڪرڻ گهرجي. پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. قومي ايڪشن پلان تحت دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ خاص پاليسيون جوڙيون آهن، جڏهن ته دهشتگرد تنظيمن جي مالي مدد کي ختم ڪرڻ ۽ ٻين ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ قومي ادارن کي وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط بڻايو ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو