مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

گڏيل قومن پاران پاڪ ڀارت ڪشيدگي گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي پيشڪش

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

گڏيل قومن جي اداري پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشيدگي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي آهي. خبرن موجب گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير ڊاڪٽر مليحه لوڌي هڪ ملاقات ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري کي خطي جي بگڙجندڙ صورتحال جي باري ۾ آگاهه ڪندي چيو ته عالمي اداروخطي ۾ ڪشيدگي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڊاڪٽر مليحه لوڌي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آگاه ڪندي ٻڌايو ته  ڪشمير ۾ ٿيل حملي بعد ڀارت پاڪستان تي الزام هڻي رهيو آهي. جنهن سبب ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ نئون مسئلو پيدا ٿي  سگهي ٿو. جنهن جو حل توهان کي ئي ڪڍڻو پوندو. ملاقات کانپوءِ سيڪريٽري جنرل جي ترجمان ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته سيڪريٽري جنرل پاڪ ڀارت ڪشيدگي بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن کي الزام تراشين کان پاسو ڪندي ڪشيدگي کي ختم ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن ۽ ٻئي ملڪ چاهين ته  مان انهن کي ٽيا ڪري لاءِ به تيار آهيان.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو