مهاتير محمد پاڪستان جي وزيراعظم جي هائوس پهچي ويو
ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد جي پاڪستان آمد، هو وزيراعظم هائوس پهچي ويو. وزيراعظم هائوس ۾ سندس وزيراعظم عمران خان استقبال ڪيو جتي هن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. خبرن موجب مهاتير محمد پاڪستان ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪندو جنهن ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا جون ڪمپنيون مختلف ايم او يوز تي صحيحون ڪنديون، جنهن ۾ آءِ ٽي، ٽيليڪام، پاور جنريشن، ٽيڪسٽائل، زراعت ۽ حلال فوڊ انڊسٽريز ۾ ملائيشيا جي ڪمپنين پاران 900 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن. خبرن موجب انهن ڪمپنين جا ترجمان مهاتير محمد سان گڏ پاڪستان آيا آهن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟