مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪلڀوشن ياديو کي ڪائونسلر تائين رسائي ملي وئي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان ڀارتي دهشت گرد ۽ جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي ڪائونسلر تائين رسائي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جو چوڻ آهي ته اها رسائي پاڪستان جي قانون مطابق هوندي ۽ ان جو طريقي ڪار واضح ڪيو ويندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڀارتي جاسوس ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو کي انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس جي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويو آهي ۽   I C J جي فيصلي کانپوءِ ڪلڀوشن ياديو کي ان جي حاصل حقن کان آگاه ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذمي دار ملڪ آهي ۽ ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو کي پاڪستان جي قانون مطابق ڪائونسلر تائين رسائي ڏني ويندي جنهن لاءِ طريقي ڪار طئي ڪيو پيو وڃي. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ انصاف  واري عالمي عدالت ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو  جي بريت ۽ ان کي ڀارت حوالي ڪرڻ سان متعلق درخواست مسترد ڪندي پاڪستان جي حق ۾ فيصلو ٻڌايو هو.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو