مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صدر کي لکيل خط واري معاملي ۾ بري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سپريم جڊيشل ڪائونسل پاران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي صدر عارف علوي کي لکيل خط واري معاملي ۾ بري قرار ڏنو آهي. ساڳئي وقت سپريم جڊيشل ڪائونسل پاران جسٽس فائز عيسيٰ خلاف هلندڙ ڪارروائي کي به ختم ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب جسٽس فائز عيسيٰ پاران صدر عارف علوي کي ٽي خط لکيا ويا هئا، خطن ۾ ريفرنس جي نقل ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي، جنهن تي وحيد شهزاد نالي وڪيل هن خلاف ضمني ريفرنس داخل ڪيو هو. سپريم جڊيشل پاران چيو ويو آهي ته جج پاران صدر کي ذاتي طور تي خط لکيا ويا آهن، جيڪو ڪنهن به لحاظ کان مس ڪنڊڪٽ نه آهي. واضح رهي ته جسٽس فائز عيسيٰ خلاف پرڏيهه ۾ موجود ملڪيت لڪائڻ وارو ريفرنس ٻڌڻي هيٺ رهندو. 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو