مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 چشما جهلم ڪينال تي پاور پلانٽ جي تعمير، سنڌ پاران احتجاج جو فيصلو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪالهه ارسا پاران سنڌ جي ميمبر جي اعتراض کي نظر انداز ڪندي هائيڊرو پاور ڪمپني کي چشما ۽ جهلم ڪينال تي پاور پلانٽ لڳائڻ جي منظوري ڏيندي اين او سي جاري ڪري ڇڏي. هن هائيڊرو پاور پلانٽ جي تعمير تي 59 ملين رپيا خرچ ايندا ۽ اهو ٽن سالن ۾ مڪمل ٿيندو. جنهن بعد ارسا هڪ پڌر نامون جاري ڪندي چيو آهي ته سي جي لنڪ ڪينال تي پاور پلانٽ جو فيصلو 17 آڪٽوبر تي پنجاب، بلوچسنتان ۽ خيبر پختونخواهه جي اڪثريتي ووٽ ۽ وفاقي حڪومت جي هڪ نمائندي جي ووٽ جي بنياد تي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ جي نمائندي ان بنياد تي احتجاج ڪيو آهي ته سي جي لنڪ ڪينال هڪ بين الصوبائي ڪينال آهي ۽ اهو معاملو ارسا جي اختيارين کان ٻاهر آهي. واضح رهي ته هي منصوبو 2009 ۾ تجويز ڪيو ويو هو ۽ تڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت ان منصوبي جي مخالفت ڪئي هئي، هاڻي ٻيهر ان منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ واري عمل کي تيز ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هن دفعي به پيپلز پارٽي هن منصوبي خلاف احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو