مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 آمريڪي يا سعودي حملي جي صورت ۾ کليل جنگ ٿيندي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو آهي ته اسان جنگ نٿا چاهيون، پر جيڪڏهن سعودي عرب يا ايران حملو ڪيو ته ان صورت ۾ اسان پنهنجي دفاع جو حق رکون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪنهن به عسڪري تنازعي ۾ نٿا ڦاسڻ چاهيون پر حملي کي جنگ جي دعوت سمجهون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سعودي کوهن تي حملي واري واقعي کي بنياد بڻائيندي آمريڪا ۽ سندس اتحادي ايران تي جنگ مڙهڻ چاهين ٿا. پر اسان هن معاملي ۾ سنجيده آهيون. اسان جنگ نٿا چاهيون پر جنگ جي صورت ۾ سعودي عرب کي آخري آمريڪي فوجي تائين وڙهڻو پوندو. ياد رهي ته 14 سيپٽمبر تي سعودي شهر بقيق ۾ سعودي آرامڪو جي تيل جي کوهن تي ٿيل حملي ۾ وڏو مالي نقصان ٿيو هو جنهن بعد آمريڪا ۽ سعودي عرب ان حملي جو الزام ايران تي هنيو.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو