مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

فرانسيسي ٽيم طرفان جھاز حادثي جي جاچ شروع، 52 فوتين جي ڊي اين اي رپورٽ اڄ ايندي.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي ۾ جھاز حادثي جي 41 فوتين جا مڙھ وارثن حوالي ٿي چڪا آھن. 52 فوتين جي ڊي اين اي جا نتيجا اڄ ايندا. فارينزڪ سائنس ايجنسي جي سربراھ ڊاڪٽر اشرف چيو آھي ته 52 فوتين جا ڊي اين اي وارثن سان ميچ ڪرڻ کان پوءِ اڄ رپورٽ جاري ڪئي ويندي. پي آءِ اي انتظاميه چيو آھي ته فوتين جي سڃاڻپ کان پوءِ 41 مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا آھن. ٻئي طرف جھاز حادثي جي جاچ لاءِ ڪراچي پھتل جھاز تيار ڪندڙ فرانسيسي ڪمپني ايئربس جي ٽيم حادثي واري ھنڌ جو دورو ڪيو. ٽيڪنيڪل ٽيم پي آءِ اي عملدارن سان گڏ ڪراچي ايئرپورٽ جي رن وي جو به جائزو ورتو. فرانسيسي ٽيم جديد اوزارن سان جھاز جي تباھي جا سبب معلوم ڪرڻ کان پوءِ واپس ھوٽل پھتي. ٽيم قيام ۾ توسيع ڪري ڇڏي.

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو