مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عالمي عدالت ۾ ڪلبوشن ياديو ڪيس جو فيصلو محفوظ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

عالمي عدالت ڪلبوشن ياديو ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. فيصلو هلندڙ مهيني 17 جولاءِ تي ٻڌايو ويندو. ياد رهي ته ڀارتي جاسوس ڪلبوشن ياديو ڪيس جي ٻڌڻي 18 فيبروري کان 21 فيبروري 2019 تائين جاري رهي. 18 فيبروري تي ڀارت ۽ 19 فيبروري تي پاڪستان پنهنجا دليل ڏنا. جڏهن ته ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد عالمي عدالت پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. 17 جولاءِ تي عالمي عدالت جو جج عبدالقوي احمد يوسف اهو فيصلو ٻڌائيندو. واضح رهي ته ڀارتي جاسوس ڪلبوشن ياديو کي مارچ 2016 ۾ بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو هو، گرفتاري بعد ڪلبوشن ياديو پاڪستان ۾ مختلف ڪاررواين جو اعتراف به ڪيو هو. جنهن تي فوجي عدالت ڪلبوشن کي موت جي سزا ٻڌائي هئي. واضح رهي ته ڪلبوشن ياديو ڀارتي نيوي جو حاضر سروس آفيسر آهي ۽ هو ڀارتي خفيه ايجنسي “را” لاءِ ڪم ڪري رهيو هو.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو