لاهور ۾ داعش جي حملي جو خطرو، الرٽ جاري
خبرن موجب خفيه ادارن پاران لاهور ۾ داعش جي موجودگي جي اطلاعن سبب ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. ٿريٽ ۾ چيو ويو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم سان تعلق رکندڙ 23 سالن جو شهزاد لاهور ۾ ڪنهن عوامي جڳهه تي حملو ڪري سگهي ٿو. شهزاد کي افغانستان مان هدايتون ملي رهيون آهن ۽ هن شام ۾ به وقت گذاريو آهي. هن معاملي تي ڊي آءِ جي لاهور چيو آهي ته دهشتگردي جي حوالي سان خطرا موجود آهن پر لاهور پوليس به شهرين جي تحفظ لاءِ تيار آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟