مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وڏن بجلي چورن ۽ ناجائز منافعي خورن خلاف ڪارروائي جي هدايت

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ توانائي واري شعبي ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي انتظامن جو جائزو ورتو ويو ۽ بجلي جا اگهه گهٽ ڪرڻ لاءِ چوري جي خاتمي بابت رپورٽ به وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪجهه هزار رپيا بل ڏيڻ وارن بجلي چورن کان ڪروڙين رپيا رڪور ڪيا ويا آهن ۽ ڪريڪ ڊائون جاري آهي ۽ هزارين ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته بجلي چوري جو نتيجو غريب عوام ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪندو، وڏن بجلي چورن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيو وڃي. حڪومت غريبن جي تحفظ تي ڪنهن قسم جي سوديبازي نه ڪندي. وزيراعظم اختيارين کي هدايت ڪئي ته غريب جو تحفظ ڪيو، وڏن چورن ۾ هٿ وجهڻ سان بجلي سستي ٿيڻ جو موقعو ملندو

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو