مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 آءِ ايم ايف ايمنسٽي اسڪيم ۾ واڌ جي مخالفت ڪري ڇڏي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

حڪومت جي ايمنسٽي اسڪيم ۾ ڏنل واڌ تي تحفظن والاريندي آءِ ايم ايف چيو آهي ته ان سان 3 جولاءِ تي ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪستان جو ڪيس متاثر ٿيندو. واضح رهي ته معاهدو طئي ٿيڻ جي صورت ۾ آءِ ايم ايف پاڪستان کي 6 ارب ڊالرن جو بيل آئوٽ پيڪيج ڏيندو. پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي ترجمان ٽيريسا ڊبن سانشيز Teresa Daban Sanchez چيو آهي ته آءِ ايم ايف ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم جي مدي ۾ واڌ جي حق ۾ نه آهي. هن چيو ته ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم سان گهڻا نقصان ٿيندا آهن. جنهن سان شفافيت جو پهلو ختم ٿي ويندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ته ايمنسٽي اسڪيم جي حق ۾ نه هئاسين پر اسان ڏٺو ته هي بي نامي قانون کي نافذ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو ان ڪري اسان ان جي لاءِ چيو ته ٺيڪ آهي. جڏهن ته ان ۾ واڌاري جي ڪابه ضرورت ڪونهي ماڻهن کي هڪ موقعو ملي چڪو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو