مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

رمضان ۾ ڪورونا پکڙيو ته مسجدون بند ڪرڻيون پونديون: وزيراعظم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪنهن کي به خبر نه آهي ته مهيني ٻن کان پوءِ ڇا ٿيندو. رمضان المبارڪ مهيني ۾ جيڪڏهن ڪورونا پکڙيو ته مسجدون بند ڪرڻيون پونديون. عالمن سان صلاح مشوري کانپوءِ مسجدون کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان لاءِ 20 نقطن تي عمل ڪرڻو پوندو. ڪالهه اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ قومي معاملن تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته رمضان خصوصي عبادت جو مهينو آهي، جڏهن ته مسجدن ۾ وڃڻ لاءِ احتياط ڪرڻو پوندو. ڇو ته جيڪڏهن وائرس پکڙيو ته پوءِ مسجدون بند ڪرڻيون پونديون. هن وڌيڪ چيو ته ٽائيگر فورس کي بنا سبب تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اها رضاڪار فورس آهي ان کي پئسا نه ملندا، پر اسان جي مدد ڪندي عمران خان چيو ته اسان هڪ آزاد قوم آهيون، صدر عالمن سان ويهي 20 نقطن تي اتفاق ڪيو، جن تي عمل ڪندي ماڻهو مسجدن ۾ وڃي سگهندا

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو