مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان ۾ 26 سيڪڙو نوجوان ذيابيطس جو شڪار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزارت صحت پاران انگن اکرن تي مشمل فيڪٽ شيٽ جاري ڪندي چيو ويو آهي ته فيڪٽ شيٽ مطابق پاڪستان  جا 26 سيڪڙو نوجوان ذيابيطس جي مرض جا شڪار آهن. فيڪٽ شيٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ملڪ اندر صحت جي سهولتن جي اڻاٺ آهي، ذيابيطس ڦڦڙن، جگر ۽ دل جي مريضن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي. ان کان علاوه فيڪٽ شيٽ مطابق ٽي بي کان متاثر ملڪن ۾ پاڪستان پنجين نمبر تي آهي. جتي هر منٽ ۾ ٽي بي جو هڪ ڪيس سامهون اچي رهيو آهي. جڏهن ته هر سال 5 لک 18 هزار ماڻهو ٽي بي جو شڪار ٿين ٿا. فيڪٽ شيٽ مطابق آبادي جو هر 10 فرد هيپاٽائيٽس جو شڪار ٿي رهيو آهي ۽ آبادي جو 46 سيڪڙو حصو بلڊپريشر جي بيماري جو شڪار آهي. فيڪٽ شيٽ مطابق پاڪستان ۾ هر ٽئين موت جو سبب دل جا مرض آهن. ۽ دل جي مرض جو سڀ کان وڏو سبب سگريٽ نوشي آهي. ملڪ جي آبادي 22 ڪروڙ آهي جڏهن ته 2 ڪروڙ 40 لک ماڻهو سگريٽ نوشي جو شڪار آهن ۽ اهي هر سال 64 ارب رپيا سگريٽ نوشي تي خرچ ڪري رهيا آهن.  

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو