مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪ ۾ وڌيڪ ٽي حياتيون ضايع، فوتين جو انگ 68 ٿي ويو، 4 هزار 695 ماڻهو متاثر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا تصديق ٿيل ڪيس وڌي 4 هزار 695 ٿي ويا. جڏهن ته هن وقت تائين 68 ماڻهو زندگي جي جنگ هارائي چڪا آهن ۽ 736 مريض صحتياب ٿي پنهنجن گهرن ۾ پهتا آهن. سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به ڪورونا وائرس متاثرن جي انگ ۾ واڌ اچي رهي آهي. ڪالهه سڄي ملڪ ۾  وڌيڪ ٽي مريض زندگي کان محروم ٿي ويا. جڏهن ته 203 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. سنڌ ۾ هڪ فوت ۽ 68 نون ڪيسن جي تصديق ٿي، پنجاب ۾ 56 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، خيبر پختونخواهه ۾ 2 حياتيون ضايع ٿيون ۽ 60 نوان مريض سامهون آيا. جڏهن ته بلوچستان ۾ هڪ نئون ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. مجموعي طور تي سنڌ ۾ 1214، پنجاب ۾ 2287، خيبر پختونخواهه ۾ 620 ۽ بلوچستان ۾ 220 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. گلگت بلتستان ۾ 215، اسلام آباد ۾ 107 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 34 ڄڻن کي وائرس هجڻ جي تصديق ٿي آهي. جيڪڏهن شهرن جي ڳالهه ڪجي ته هن وقت لاهور سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، جنهن جي سراسري 19.14 سيڪڙو آهي. ان کانپوءِ ڪراچي، راولپنڊي، حيدرآباد ۽ ڪوئيٽا ۾ وڌ کان وڌ ڪيس ظاهر ٿيا آهن

 

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو