مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آر بي او ڊي ٽو ۾ 4 ارب 40 ڪروڙن جو غبن، 16 آفيسرن تي ڪيس داخل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آر بي او ڊي ٽو جي رٽائرڊ چيف انجنيئر منور بوزدار سميت 16 آفيسرن خلاف 4 ارب 40 ڪروڙ رپين جي غبن جون 4 ايف آءِ آرز داخل ٿي ويون. ان حوالي سان اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي رائيٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين پراجيڪٽ 2 ۾ 16 ڄڻن خلاف چار ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن. آر بي او ڊي ٽو منصوبو آر بي او ڊي ون کان منڇر ۽ سنڌو درياءَ سان ڳنڍڻ بجاءِ سمنڊ تائين پهچائڻو هو. منصوبو 2003ع ۾ 14 ارب رپين جي لاڳت سان شروع ٿيو، جيڪو بار بار روائيز ٿي 61 ارب 98 ڪروڙ رپين جو ٿي ويو، پر اهو اڃان تائين مڪمل نه ٿيو آهي. نومبر 2018ع ۾ منصوبي ۾ ڪرپشن بابت ڪجهه سينيئر انجنيئرن ريفرنس داخل ڪيو، جنهن تي وڏي وزير جي هدايت تي آبپاشي کاتي اپريل 2019ع ۾ انڪوائري ڪئي. جڏهن ته رٿابندي کاتي کانپوءِ معاملو اينٽي ڪرپشن کي اماڻي ڇڏيو. اينٽي ڪرپشن پنهنجي جاچ ۾ ڄاڻايو آهي ته فلڊ ورڪس جي نالي تي 4 ارب 48 ڪروڙ رپين جا جعلي بل ٺاهيا ويا آهن

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو