مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪ ۾ ڪٿي ڌنڌ ته ڪٿي برفباري: سيءَ جي شدت برقرار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ميداني علائقن ۾ شديد ڌنڌ جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ هلڪو مينهن ۽ برسات جو سلسلو وري کان شروع ٿي ويو آهي. شديد ڌنڌ جي ڪري سڄي ملڪ ۾ هلڻ واريون ٽرينون ڪلاڪ دير جو شڪار آهن، ٽريفڪ جي به رواني متاثر. ڪوئيٽا سميت اتر بلوچستان ۾ به گذريل هفتي ٿيڻ واري شديد برفباري جا اثر گهٽ نه ٿيا ته مختلف علائقن ۾ هلڪي مينهن ۽ برفباري جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي. موسميات کاتي اتر بلوچستان ۾ ڪٿي ڪٿي جڏهن ته پهاڙي علائقن، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي مينهن ۽ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهندي.

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو