مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ پاڪ ڀارت ڳالهين جو امڪان رد

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وفاقي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جا پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. جتي اهي رسمي ملاقات ڪندا ۽ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته شاهه محمود قريشي ۽ سشما سوراج وچ ۾ ڪابه طئي ٿيل ملاقات نه ٿيڻي آهي. ياد رهي ته ٻنهي وزيرن وچ ۾ گذريل ٽن سالن ۾ ڪابه ملاقات نه ٿي آهي، 2018 ۾ به آمريڪا جي شهر نيو يارڪ ۾ طئي ٿيل ميٽنگ ڪينسل ٿي وئي هئي ۽ پلوامه حملي بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ اختلاف وڌي ويا هئا. واضح رهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي هي ميٽنگ 21 ۽ 22 مئي تي چين جي شهر شنگهائي ۾ ٿيڻي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو