مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

حڪومت آرمي چيف جي مقرري تي ترت قانون سازي جي خواهشمند

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سپريم ڪورٽ پاران آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ 6 مهينن جي مشروط توسيع کانپوءِ حڪومت آرمي چيف جي مقرري تي ترت قانون سازي جي خواهشمند آهي ۽ ايندڙ قومي اسيمبلي اجلاس کان پهرين اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻ چاهي ٿي. ذريعن موجب اپوزيشن سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو شيڊيول اجلاس ملتوي ڪيو ويو. اسپيڪر قومي اسيمبلي جي زير صدارت ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اهم اجلاس به متوقع آهي. قومي اسيمبلي اجلاس کان پهرين وفاقي ڪابينا ۾ آئين ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمون پيش ڪيون وينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن سان رابطن جي لاءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي هڪ دفعو وري پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، جڏهن ته اپوزيشن ۽ اتحادي جماعتن جي پارلياماني سربراهن سان به مشاورت ڪئي ويندي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ حڪومت کي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ 6 مهينن جي مشروط واڌ جي اجازت ڏني هئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو