مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وفاق پنهنجا خرچ گهٽ ڪري اضافي رقم صوبن کي ڏي: بلاول ڀٽو زرداري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اين ايف سي جي مد ۾ سنڌ جي حصي ۾ ڪابه ڪٽوتي نه ٿيڻ ڏينداسين. وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ، جي-20 ملڪن سميت مختلف مالياتي ادارن کان ملڻ واري رليف جو فائدو به صوبن کي ڏي. وفاق صوبن جي فنڊن ۾ ڪٽوتي جي بجاءِ پنهنجا خرچ گهٽ ڪري، اضافي رقم صوبن کي منتقل ڪري. اها ڳالهه هن پيپلز پارٽي جي معاشي ڪميٽي جي وڊيو لنڪ اجلاس سان خطاب ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ ميان رضا رباني، نويد قمر، شازيه مري، چوڌري منظور ۽ ٻيا شريڪ هئا. پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جي معاشي رليف پئڪيج کي ناڪافي قرار ڏيندي بيروزگارن لاءِ رقم 12 هزار کان وڌائي گهٽ ۾ گهٽ 17 هزار 5 سئو رپيا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو