مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 صوبن کان ميڊيڪل ادارن ۾ داخلا جو حق واپس وٺڻ جو فيصلو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وفاقي حڪومت سڀني صوبن کان ميڊيڪل ادارن ۾ داخلا جو اختيار واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي هاڻي وفاقي ايڊميشن بورڊ وٽ ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ داخلا ٽيسٽ جي نگراني جا اختيار هوندا. هر صوبي جي ميڊيڪل جي داخلائن ۾ 10 سيڪڙو سيٽون ٻين صوبن جي شاگردن کي ملنديون. سپلي جو صرف هڪ موقعو ملندو ۽ فيل ٿيندڙ شاگرد ٽرم بيڪ ٿي ويندو. انٽري ٽيسٽ لاءِ داخلا مارڪن جي شرح 50 مان وڌائي 60 سيڪڙو رکي وئي آهي. تفصيلن موجب وفاقي حڪومت ميڊيڪل جي داخلائن بابت ايم بي بي ايس اينڊ بي ڊي ايس (داخلا هائوس جاب ۽ انٽرنشپ) ريگيوليشن 2018ع جو ترميمي بل 2019ع جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي. صحت کاتي ان بل بابت آگاهه ڪيو آهي اهو نئون قانون ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آندو ويندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو