مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

احتساب عدالت فريال ٽالپر جي جسماني ريمانڊ کي 22 جولاءِ تائين وڌائي ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

 نيب پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ ڪيس جي ٻڌڻي کي جاري رکندي فريال ٽالپر جي جسماني ريمانڊ کي 22 جولاءِ تائين وڌائي ڇڏيو آهي.  ٻڌڻي دوران آصف علي زرداري عدالت کي درخواست ڪئي ته سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي ڪيس ۾ ذاتي حاضري کان آجو قرار ڏنو وڃي. جنهن تي جج چيو ته جسماني ريمانڊ جي صورت ۾  ملزم کي حاضري کان معافي نه ٿي ملي سگهي. جنهن تي آصف علي زرداري چيو ته فريال ٽالپر جي حاضري کان معافي جي صورت ۾ هو نيب جي 90 ڏينهن لاءِ ڪسٽڊي ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهي. واضح رهي ته فريال ٽالپر 14 جون کان جسماني ريمانڊ تي نيب جي ڪسٽڊي ۾ آهي ۽ هوءِ هن عرصي ۾ پنهنجي گهر ۾ ئي قيد آهي.  نيب پاران سندس گهر کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو