مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڻ مرادو ڪم ڪندڙ هاري روبوٽ تيار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آسٽريليا جي ماهرن هڪ اهڙو روبوٽ تيار ڪيو آهي جيڪو ٻنين ۾ هڪ هاري وانگر ڪم ڪندو. هي روبوٽ آسٽريليا جي اگيرس ڪمپني پاران تيار ڪيو ويو آهي. هن روبوٽ جو نالو سويگ بوٽ رکيو ويو آهي ۽ هي آرٽيفيشل انٽيليجنس  ذريعي ڪم ڪندو، هي فصلن جي نگهداشت ڪرڻ کان علاوه فصل جي دشمن گاهه ۽ جيتن جي نشاندهي پڻ ڪندو. هن روبوٽ ۾ هڪ ٻانهن به هنئي وئي آهي. جيڪا بغير ڪنهن هدايت جي زمين ۾ غير ضروري گاهه کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هن روبوٽ کي ٺاهيندڙ ڪمپني جو چوڻ آهي ته ايندڙ وقت ۾ هن روبوٽ کي ان قابل به بڻايو ويندو جو هي فصلن ۾ اسپري ڪري ۽ مال مويشين جو خيال به رکي. آٽو ميشن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏهن سالن ۾ ٻنين اندر خود ڪار ڪم ڪندڙ روبوٽ عام ٿي ويندا. اهي روبوٽ هاري جو ڪم ۽ خرچ گهٽائڻ ۾ مدد ڪندا.  

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو