مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

فيس بُڪ پاران پاڪستان ۾ انوويشن ليب قائم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بُڪ پاران پاڪستاني آءِ ٽي واري وزارت ۽ ٽيڪنالاجي فنڊ جي سهڪار سان ملڪي تاريخ ۾ پهريون دفعو فيس بڪ انوويشن ليب قائم ڪئي وئي آهي. يونيورسٽي آف لمز جي انوويشن سينٽر ۾ قائم انوويشن ليب جو مقصد پروگرامنگ ڊِولپرز، ڪاروباري ماڻهن ۽ مختلف ڪميونٽي گروپن کي هڪ اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪرڻ آهي جنهن ذريعي اهي پنهنجي تجربن جو هڪ ٻئي سان تبادلو ڪري سگهن، هي ليب ورچوئل ريٽلٽي جا سافٽ ويئر ۽ ايپليڪيشنون ٺاهيندڙن جي به مدد ڪندي. هن موقعي تي فيس بڪ جي ترجمان جو چوڻ هو ته فيس بڪ پاڪستان اندر اهڙو ماحول ٺاهڻ جو خواهشمند آهي، جتي نوان ڪاروباري ماڻهو پنهنجي ڪاروبار کي جديد طريقن تي هلائي سگهندا. هن وڌيڪ چيو ته هي ليب نه صرف سافٽ ويئر ايپ ٺاهڻ ۾ مدد ڪندي پر اها سافٽ ويئر انڊسٽري ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ تجربو رکندڙن سان گڏ ڪم ڪرڻ ڪو موقعو فراهم ڪندي. جنهن سان نوجوان انهن جي تجربن مان فائدو حاصل ڪندا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو