مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

لاڪ ڊائون ۾ ٻن هفتن تائين واڌ، تعميراتي شعبو ۽ صنعتون کولڻ جو اعلان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وفاق ۽ چئني صوبن جزوي لاڪ ڊائون ۾ ٻن هفتن تائين واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته تعميراتي شعبي ۽ صنعتن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڪالهه وزيراعظم جي سربراهي ۾ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڪ ڊائون جي ٻن هفتن تائين توسيع جو فيصلو ڪيو ويو. ايندڙ ٻن هفتن تائين شاپنگ مالز، هوٽلون، اسپورٽس ايونٽ ۽ ٻين غير ضروري ميڙاڪن تي پابندي هوندي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪورونا وائرس ڪنهن به وقت پکڙجي سگهي ٿو، احتياط جاري رکڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته سمورن صوبن جي وڏن وزيرن سان صلاح کانپوءِ اڄ تعميراتي شعبو کوليو ويندو. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ صوبا خود مختيار آهن. جيڪڏهن ڪو صوبو چاهي ٿو ته هو لاڪ ڊائون ۾ نرمي يا ان کي هٽائي ته ايئن ڪري سگهي ٿو. لاڪ ڊائون تي صوبن وچ ۾ 98 سيڪڙو هم آهنگي آهي

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو