مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٻارن ۾ موبائل فون جو استعمال خطرناڪ قرار، اکين جي روشني وڃڻ جو خطرو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪي ايم سي جي سينئر ڊائريڪٽر ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سروسز ۽ اکين جي ماهر ڊاڪٽر بيربل گيناني جو چوڻ آهي ته ٻارن کي ٽي وي کان وڌيڪ موبائل فون جو شوق آهي ۽ والدين به ٻارن کي وندرائڻ لاءِ موبائل فون ۾ ڪارٽون يا ڪا گيم لڳائي ڏيئي ڇڏيندا آهن، جنهن سان ٻارن جي واڌ ويجهه يا اکين جي روشني تي خراب اثر پون ٿا. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٽي وي جا شعاع ۽ ان کان علاوه موبائل فون جي استعمال سان ٻارن جي اکين جي پردي تي ميڪولا (Macula) ٿي وڃڻ سبب ٻارن جي اکين جي روشني ضايع ٿي سگهي ٿي يا هو ڪلر بلائينڊ ٿي سگهن ٿا. والدين کي گهرجي ته هو ٻارن کي گهٽ کان گهٽ ٽي وي ڏسڻ ڏين ۽ موبائل جي استعمال کان روڪين جيڪو هينئر خطرناڪ حد تائين وڌي رهيو آهي. سندن چوڻ مطابق صحت جي عالمي اداري به هڪ سال کان گهٽ عمر جي ٻارن کي ٽي وي نه ڏسڻ لاءِ چيو آهي. ڇاڪاڻ ته ان سان نه سندن اکين تي خراب اثر ٿئي ٿو، پر ان سان برين ٽيومر ٿيڻ جو به خطرو هوندو آهي، پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن ۾ جسماني سرگرمين وارين راندين کيڏڻ جي عادت پيدا ڪرڻ گهرجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو