مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

جنگ ٿي ته ايران ختم ٿي ويندو: آمريڪي صدر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا جي ايران سان جنگ ٿي ته ايران ختم ٿي ويندو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن ايران جنگ چاهي ٿو ته اهڙي صورتحال ۾ ان جو باقائدا طور تي خاتمو ٿي ويندو. ان ڪري ايران آمريڪا کي ٻيهر ڌمڪي ڏيڻ جي غلطي نه ڪري. هن وقت آمريڪا ۽ ايران ۾ ڪشيدگي عروج تي آهي ۽ آمريڪا هلندڙ مهيني عربي سمنڊ ۾ وڌيڪ جنگي سامونڊي جهاز موڪلي ڇڏيا آهن. صدر ٽرمپ جو هي بيان ان جي رويي ۾ تبديلي جي عڪاسي ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي هن چيو هو ته هو نٿو چاهي ته ايران سان ڪشيدگي وڌي وڃي. هن اهو به چيو هو ته مون کي اميد آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ نه ٿيندي. ساڳئي وقت ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف به چيو ته ايران جنگ جو خواهشمند نه آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو