مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪورونا کي عالمي انداز ۾ منھن ڏيڻو پوندو، ترقي يافته ملڪ امداد ۾ اضافو ڪن: وزير اعظم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزير اعظم عمران خان ڪورونا وائرس کي عالمي مسئلو ۽ ان جو گڏيل حل ڳولڻ جي ضرورت تي عالمي برادري تي زور ڏيندي چيو آھي ته ڪورونا کي منھن ڏيڻ لاءِ دنيا کي قدم کڻڻا پوندا. ترقي يافته ملڪن کي گھرجي ته اھي ترقي پذير ملڪن جي امداد ۾ اضافو ڪن. ڪالھ ڪورونا وائرس کان پوءِ ترقي لاءِ سيڙپڪاري تي عالمي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم جو چوڻ ھو ته وائرس عالمي معيشت تي تمام گھرا اثر ڇڏيا پر ترقي پذير ملڪ وڌيڪ متاثر ٿيا آھن. وبا سبب اسان جي برآمد متاثر ٿي. ھن وقت نائجيريا، ايٿوپيا ۽ مصر کي به پاڪستان جھڙن مسئلن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. وزير اعظم پنھنجي خطاب ۾ جي ٽوئنٽي ملڪن جي به تعريف ڪئي ۽ چيو ته انھن جا ڪورونا خلاف کنيل قدم واکاڻ جوڳا آھن.

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو