مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٽرين آپريشن 10 مئي کان جزوي طور بحال ڪرڻ جو فيصلو.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

حڪومت ٽرين آپريشن 10 مئي کان جزوي طور بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي ۽ ان حوالي سان ريلوي واري وزارت کي خط لکيو آھي، جنھن ۾ ريلوي اختياريون ٽرين آپريشن جي بحالي لاءِ انتظام مڪمل ڪن. ٽرين آپريشن بحالي کان اڳ 8 مئي تي وزير اعظم کان حتمي منظوري ورتي ويندي ۽ منظوري کان پوءِ اپ اينڊ ڊائون 24 ٽرينون ھلايون وينديون. شروعاتي طور چئني صوبن ۾ ٽرين آپريشن جزوي طور بحال ڪيو ويندو، امڪاني طور لاڪ ڊائون کان پوءِ به ريزرويشن آفيسون بند رھنديون ۽ ٽرين آپريشن بحالي تي مسافرن کي رڳو آن لائن بڪنگ ذريعي ئي ٽڪيٽ ملندي. خاص ٽرين آپريشن جي آن لائن بڪنگ 9 مئي کان شروع ٿيندي، ٽرين جون 60 سيٽون بڪ ٿيڻ کان پوءِ بڪنگ روڪي ويندي، جنھن جو مقصد سماجي وٿي جي پاليسي تي عمل کي يقيني بڻائڻ آھي. خاص ٽرينن جي بڪنگ روانگي کان 24 ڪلاڪ اڳ ۾ بند ڪئي ويندي ۽ خاص ٽرينون ھلڻ جي صورت ۾ مسافرن کي ٽرين جي روانگي کان ھڪ ڪلاڪ اڳ ۾ اسٽيشن تي پھچڻو پوندو

 

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو