مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سي ايس ايس جو امتحان هاڻ اردو ۾ به ڏيئي سگهبو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سينيٽر سراج الحق پاران سينيٽ ۾ هڪ قرارداد پيش ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته سي ايس ايس جو امتحان قومي ٻولي اردو ۾ ورتو وڃي سينيٽ پاران قرارداد پاس ڪندي سي ايس  ايس جو امتحان اردو ۾ وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. حڪومت پاران قرارداد جي مخالفت ڪئي وئي. حڪومتي وزير علي محمد خان چيو ته سي ايس ايس جي امتحان ۾ 45 اختياري ۽ 6 لازمي مضمون هوندا آهن يونيورسٽي ۾ لازمي مضمون انگريزي ۾ پڙهايا ويندا آهن. سي ايس ايس جي امتحان ۾ ٻولي جو انتخاب اختياري هجڻ گهرجي. سينيٽر سراج الحق چيو ته آئين مطابق قومي ٻولي کي 15 سالن ۾ رائج ڪرڻ گهرجي. هاڻي ستر سال ٿي ويا آهن پر اردو سرڪاري مقصد لاءِ رائج نه ٿي سگهي آهي. چين، جاپان ۽ ٻين ملڪن ۾ اتان جون قومي ٻوليون رائج آهن اسان به اردو کي رائج ڪري ترقي ڪري سگهون ٿا. جنهن بعد چيئرمين سينيٽ چيو ته اردو کي اختياري ڪري ٿا ڇڏيون جنهن بعد سينيٽ سي ايس ايس جو امتحان انگريزي سميت اردو ۾ وٺڻ جي قرارداد منظور ڪري ڇڏي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو