مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير جي ملاقات، وفاق ۽ صوبي ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ تي اتفاق

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

گورنر هائوس جي ترجمان مطابق سنڌ جو وڏو  وزير سيد مراد علي شاه وفد سميت گورنر هائوس پهتو. جتي هن سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات ڪئي. هن ملاقات ۾ لوڪل گورنمينٽ وارو صوبائي وزير سعيد غني، صوبائي وزير مڪيش چاولا۽ مرتضيٰ وهاب کان علاوه  سنڌ اسيمبلي ۾ حزب اختلاف جو اڳواڻ فردوس شميم نقوي ۽ پي ٽي آءِ جو پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ به موجود هئا. ترجمان مطابق ملاقات ۾ ورڪنگ رليشن کي بهتر بڻائڻ سان گڏ دلچسپي جي معاملن تي غور ڪيو ويو. جڏهن ته عوام جي مفاد ۾ رابطن کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ويو. ترجمان مطابق گورنر ۽ وڏي وزير سنڌ جي عوام جي بهتريءَ لاءِ وفاق ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ رليشن شپ  کي بهتر بڻائڻ کان علاوه سنڌ اسيمبليءَ جي ماحول ۾ بهتري آڻڻ تي به  اتفاق ڪيو.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو