مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

شھرين جي شڪايتن بابت غلط بياني ڪندڙ ادارن خلاف جاچ جو حڪم.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزير اعظم عمران خان پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شھرين جي شڪايت بابت ڪوتاھي تي ادارن خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزير اعظم آفيس ذريعن موجب وزير اعظم آفيس ۾ قائم ”شڪايت سيل“ تي شھرين شڪايتن جي حل تي عدم اطمينان جو اظھار ڪيو، جنھن تي وزير اعظم ادارن خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. وزير اعظم شڪايتن بابت ادارن جي غلط بياني ۽ ڪوتاھي تي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو. وزير اعظم جي ھدايت تي ھڪ لک 6 ھزار شڪايتن کي ٻيھر کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. پھرين جنوري کان 30 اپريل تائين حل ڪيل شڪايتن کي مرحليوار کوليو ويندو ۽ انھن جو ميرٽ تي حل يقيني بڻايو ويندو. ذريعن موجب وفاق مان 12340، پنجاب مان 17661 بلوچستان مان 482 ،سنڌ مان 3256 ۽ خيبرپختونخوا مان 5346 شڪايتون ٻيھر کوليون وينديون  

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو